حسين بخش ملاح

حسين بخش ملاح: مزاحيه فنڪار حسين بخش ملاح 14 جون 1947ع تي سانگھڙ ويجھو ڳوٺ جعفر جي مياڻ ۾ جنم ورتو. هي ڳوٺ سيٺ حب علي ملاح جي نالي سان وڌيڪ مشهور آهي. هن جي والد جو نالو فقير الهندو ملاح هو، حسين بخش ملاح فن جي شوق ۾ پنهنجي تعليم سان گڏ گهڻو ڪجھه وڃايو، هن کي فن سان محبت هئي ۽ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو ايڏو ته جنون هو، جو هي 11 ڀيرا لاهور ويو، نيٺ 1993ع ۾ هن جي خوابن جي تڪميل ٿي ۽ هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. هن 20 نومبر 1993ع تي فلم باغي شهزاديءَ ۾ اداڪار محسن حسن خان سان گڏ پوليس جمعدار جو رول ڪيو، اها فلم 1995ع ۾ رليز ٿي. ان دوران 27 آڪٽوبر 1993ع تي پي.ٽي. وي لاهور سينٽر تان ٻارڙن جي جڳ مشهور ڊرامي ‘عينڪ والا جن‘ جي 27 قسط جي هڪ ڪردار چارلي مامون سان گڏ ڪم ڪيائين. اها قسط 10 ۽ 11 نومبر تي ٽيليڪاسٽ ٿي. ان کان علاوه هن ون مين شو ۾ مزاحيه ڪلام ۽ سنجيده ڪلام به ڳاتا. هن نامور مزاحيه فنڪارن قادر بخش مٺو، ماما لالو، عبدالله ملاح، نٿو ڪهيري، بشارت سمون، بيگو خان ۽ جڳاڙي جلال سان گڏ پڻ ڪم ڪيائين. حسين بخش ملاح هر فن مولى آهي، هن جو فن سان عشق آهي ۽ ان عشق ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جي اهم مرحلن طرف به ڌيان ڪونه ڏنو، ايتريقدر جو سڄي عمر شادي به نه ڪئي. هن مختلف شهرن حيدرآباد، ٽنڊي ڄام، بدين، ميهڙ، پير جي ڳوٺ، موري ۽ ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي اسٽيج پروگرام ڪيا، جن عام ماڻهن ۾ تمام گھڻي مقبوليت ماڻي. حسين بخش ملاح 1962ع کان شاعري به ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ مزاحيه شاعري به آهي ته سنجيده شاعري به اٿس. هن جي مزاحيه شاعري حقيقت تان پردو کڻي ٿي، سندس شاعريءَ ۾ اٿاهه درد آهي، جنهن درد مان هو پاڻ گذري ٿو، اهو ئي درد هو ماڻهن تائين پهچائي ٿو. حسين بخش ملاح آڪٽوبر 2009ع ۾ سچل ايف. ايم 105 نوابشاهه تي پڻ پروگرام ڪري چڪو آهي، سانگھڙ ايف، ايم تي هن پروگرام ڪيا آهن، جن ۾ ڪچهري پروگرام ۽ ڏاڏا حسين ملاح جو پروگرام ڪري رهيو آهي ۽ ساڳئي ايف ايم تي مئنيجر علي نواز هنڱوري جي پروگرام ۾ گامون سچار جو ڪردار پڻ ڪري چڪو آهي. حسين بخش ملاح هن وقت سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير علي محمد مهر پاران مليل هڪ جاءِ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ حسين بخش ملاحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو